سنڌ ۾ مڪاني اختيارن جي منتقلي: عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سنڌ ۾ مڪاني اختيارن جي منتقلي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ماسٽر پلان ٺاهڻ ۽ ان تي عمل مڪاني حڪومتن جا اختيار آهن، مڪاني حڪومت تحت ڪو نئون منصوبو صوبائي حڪومت شروع نٿي ڪري سگهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سنڌ حڪومت بااختيار مڪاني ادارا قائم ڪرڻ جي پابند آهي، آئين تحت مڪاني حڪومت کي مالي، انتظامي ۽ سياسي اختيار يقيني بڻايا وڃن، سنڌ حڪومت مقامي حڪومتن سان هم آهنگي ۽ سٺو ورڪنگ رليشن رکڻ جي پابند آهي.

عدالتي فيصلي موجب سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي شق 74 ۽ 75 ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، سنڌ حڪومت سمورن قانونن جي آرٽيڪل 140 اي سان هم آهنگي يقيني بڻائي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايڪٽ ۽ ڪي ڊي اي قانون، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جا قانون به آئين موجب تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته عدالت لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ قانون ۾ به ضروري تبديلين جي هدايت ڪئي آهي، گڏوگڏ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي قانونن ۾ به ضروري ترميمن جي هدايت ڪئي وئي آهي.

عدالت چيو آهي ته جتي صوبائي، مقامي حڪومتن جي اختيارن ۾ تضاد آهي، انهن شقن ۾ تبديلي ڪئي وڃي.

Read Previous

نواز شريف علاج بنا پاڪستان ويو ته سندس حالت بگڙي سگهي ٿي: ميڊيڪل رپورٽ

Read Next

هڪ چور، ڏوهي ۽ ڀڳوڙي لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي: وزيراعظم

Most Popular