هڪ چور، ڏوهي ۽ ڀڳوڙي لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ بار جي پٽيشن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هڪ چور، ڏوهي ۽ ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ڀڄي ويل شخص لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي، عدالت کي چئي رهيا آهن ته ان کي هڪ موقعو ملڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ بار ايندڙ پٽيشن اها ڪري ته پاڪستان ۾ جيل کولي ڇڏيو.

بهاولپور ۾ صحت انصاف ڪارڊ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو سڄي دنيا حيران ٿيندي ته شهباز شريف جي پٽ جي شگر مل ۾ 10 هزار رپين ۾ ڪم ڪندڙ جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن اچي ويا؟ توهان ڇنڊ ڇاڻ ڪندئو ته خبر پئجي ويندي اسان جو ملڪ ان مقام تي ڇو نه پهچي سگهيو، جتي پهچڻ گهربو هو.

هن چيو ته نواز شريف جا ٻئي پٽ لنڊن ۾ اربين رپين جي پراپرٽين ۾ ويٺا آهن، يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو شهر لنڊن آهي ۽ لنڊن جي سڀ کان مهانگائي جاءِ انهن جا اربين رپين جا گهر آهن، ٻارن کي انهن ٻاهر موڪلي ڇڏيو آهي، 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کان پڇو ته ٻارن وٽ اربين رپيا ڪيئن آيا؟ اهي وري چون ٿا ٻارن کان پڇو، اسان کي ناهي خبر، ٻارن کان پڇو ته چون ٿا پاڪستان جي شهري ئي ناهيون.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن عدالت ۾ وڃي چوندي ته ڏسو هڪ ماڻهو جيڪو چوري ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي، ڏوهي آهي، ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر ڀَڳو آهي، اسان کي موقعي ڏيڻ گهرجي، اهو وري ميچ کيڏي ته پوءِ چوري ۾ ڪهڙي برائي آهي؟ جيڪڏهن توهان کي ان ۾ برائي نظر نٿي اچي ته غريبن کي جيل ۾ ڇو بند ڪيو اٿوَ، اڳ ۾ انهن سڀني کي کولي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ايندڙ پٽيشن اها ڪري ته پاڪستان ۾ جيل کولي ڇڏيو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مون کي فلاحي رياست نظر نه آئي، مان برطانيا ۾ ڏٺو ته انسانيت ڇا هوندي آهي، اتي ڊاڪٽر فرق نه ڪندا هئا ته ڪير علاج ڪرائي رهيو آهي.

Read Previous

سنڌ ۾ مڪاني اختيارن جي منتقلي: عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

تاحيات نااهلي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ بار جي درخواست اعتراض لڳائي واپس

Most Popular