چيمپيئن ٽيمن کي ٽاس کٽڻ يا هارائڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو: محمد رضوان

پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته ميچ ۾ اڳ ۾ يا پوءِ بيٽنگ ڪرڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سوشل ميڊيا تي محمد رضوان جي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اسان به ٽاس کٽي بالنگ ئي ڪيون ها پر منهنجي خيال ۾ چيمپيئن ٽيمن کي ٽاس سان ڪو فرق نه پوڻ گهرجي.

هن چيو چيو ته بيٽنگ اڳ ۾ ڪجي يا پوءِ، ان سان ڪو فرق نٿو پئي، سٺي ڪرڪيٽ کيڏجي ته نتيجو به سٺو ئي ايندو.

واضح رهي ته ملتان سلطانز پاڪستان سپر ليگ 7 ۾ دفاعي چيپميئن آهي ۽ ان گذريل ڏينهن ڪوئيٽا کي ٽاس هارائي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي شڪست ڏني، جيتوڻيڪ پي ايس ايل 7 ۾ هيل تائين اڳ ۾ بيٽنگ ڪندڙ سڀ ٽيمون ميچون هارائي چڪيون آهن.

Read Previous

تاحيات نااهلي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ بار جي درخواست اعتراض لڳائي واپس

Read Next

ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کي ڊجيٽل والٽ بڻائڻ تي ڪم جاري

Most Popular