ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کي ڊجيٽل والٽ بڻائڻ تي ڪم جاري

حڪومت جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن تحت نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کي ڊجيٽل واليٽ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ امڪاني طور تي هلندڙ سال جي آخر تائين اڳ کان موجود ايپليڪيشن جي اپ ڊيٽ دستياب ٿي ويندي.

نادرا جي سربراهه طارق ملڪ چيو آهي ته حڪومت جي ان ويزن کي حقيقت ۾ تبديل ڪندي اسان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي درخواست ڏيندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ آن لائين پورٽل ذريعي ڊجيٽل آءِ ڊي جي سنگ بنياد جي طور تي ”پاڪ آئڊينٽٽي“ موبائل ايپ لانچ ڪئي هئي.

هن چيو ته ايپ نادرا جي آفيس يا سفارتخاني وڃڻ کانسواءِ بائيو ميٽرڪ فنگر پرنٽس، چهري جي سڃاڻپ ۽ سمارٽ فونز جي مدد سان ڪنهن به شخص جي سڃاڻپ ڪارڊ بابت ڪارروائي لاءِ گھربل دستاويزن کي اسڪين ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي.

هن چيو ته ٿوري عرصي ۾ 75 هزار پرڏيهي پاڪستاني پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊن (جن کي نائڪوپ چيو ويندو آهي) جي حاصل ڪرڻ جو عمل گھر ويٺي ان ايپليڪيشن جي مدد سان ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽو فيڪٽر آٿينٽيڪيشن موجود هوندي آهي.

اها ايپليڪيشن اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ٻنهي پليٽ فارمز تي دستياب آهي.

Read Previous

چيمپيئن ٽيمن کي ٽاس کٽڻ يا هارائڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو: محمد رضوان

Read Next

اميتاڀ بچن ڪرپٽو ڪرنسي ۾ به شهنشاهه نڪتو

Most Popular