اميتاڀ بچن ڪرپٽو ڪرنسي ۾ به شهنشاهه نڪتو

بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي شاندار اداڪاري سبب ٻين اداڪارن کي پوئتي ڇڏي رهيو آهي پر هاڻ هو هو ڊجيٽل ڪرنسي ڪرپٽو مان پيسا ڪمائڻ ۾ به سڀني کان اڳتي نڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽـن موجب اميتاڀ بچن هڪ ارب کان وڌيڪ ڀارتي رپيا ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي ڪمايا.

رپورٽن موجب اميتاڀ 2015ع ۾ پنهنجي پٽ اڀيشيڪ بچن سان گڏجي سنگاپور جي هڪ ڪمپني ۾ تقريبن ڏيڍ ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي.

اڍائي سالن جي اندر اميتاڀ بچن ۽ اڀيشيڪ بچن هڪ ارب 12 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڪمايا.

Read Previous

ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کي ڊجيٽل والٽ بڻائڻ تي ڪم جاري

Read Next

مسجد نبوي صه ۾ رمضان ۾ اجتماعي افطاري جي اجازت

Most Popular