مسجد نبوي صه ۾ رمضان ۾ اجتماعي افطاري جي اجازت

مديني شريف ۾ قائم مسجد نبوي صه ۾ هلندڙ سال رمضان ۾ اجتماعي افطاري جي اجازت ڏني وئي آهي.

ڪورونا وبا جي ڪري مسجد نبوي صه ۾ ٻن سالن کان اجتماعي افطاري تي پابندي هئي، جنهن کي هلندڙ سال ختم ڪيو ويو آهي.

سعودي گزٽ موجب هلندڙ سال مسجد نبوي صه ۾ افطار لاءِ سخت قانون جوڙيا ويا آهن ۽ گڏوگڏ سماجي وٿي به لاڳو ڪئي ويندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سماجي وٿي جي صورت ۾ هڪ صف ۾ 5 ماڻهو ويهندا، جڏهن ته دسترخوان جي ٻئي پاسي ڪو روزي دار نه ويهي سگھندو.

Read Previous

اميتاڀ بچن ڪرپٽو ڪرنسي ۾ به شهنشاهه نڪتو

Read Next

راڻي پور پراڻي بس اسٽينڊ وٽ روڊس کاتي جي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

Most Popular