مڪاني قانون، سپريم ڪورٽ کي ڪجهه معاملن تي نظرثاني جي درخواست ڪنداسين: سعيد غني

Saeed ghani

سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته مڪاني قانون بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جون جيڪي شقون ڪليئر آهن، انهن تي تڪڙي عمل ڪنداسين ۽ جيڪي ڪليئر ناهن، انهن جي وضاحت طلب ڪئي ويندي.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي سان معاهدي جي روشني ۾ ترميمون ٿيڻيون آهن، معاهدي ۾ ڪيترائي معاملا طئي ٿيا، مڪاني قانون ۾ تبديلي لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، هاڻ ڪميٽي ڏسندي ته ڪٿي ڪٿي تبديلي ڪرڻي آهي پر نين مڪاني چونڊن تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز ڪم ڪنديون رهنديون.

هن چيو ته مڪاني قانون بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي، ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي، عدالتي فيصلي تي ڪميٽي به ٺاهي آهي، ڏسنداسين ته فيصلي جا ڪهڙا ڪهڙا حصا آهن، جن تي عمل ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ رڳو 2013 جي قانون ۾ ٻه سيڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ اهو وڏو مسئلو ناهي، جج قانون کي اسان کان بهتر سمجهن ٿا پر سپريم ڪورٽ کي ڪجهه معاملن تي نظرثاني جي درخواست ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته عدالت جو فيصلو سڀني صوبن لاءِ آهي، ان سان وفاقي ۽ صوبائي ٻئي حڪومتون متاثر ٿينديون، قومي، صوبائي ۽ بلديات جون تڪ بنديون سدائين حڪومتون ڪنديون رهيون آهن، پ پ سدائين مخالفن جي ٺاهيل تڪن تي چونڊ وڙهي ۽ کٽي، جڏهن ته اسان جي دور ۾ تڪ بنديون اليڪشن ڪميشن ڪندي آهي.

سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڀُٽي صاحب کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ قتل ڪرايو ويو، جسٽس گلزار صاحب رٽائرمينٽ وقت اهو فيصلو ڏئي ويو پر ڀُٽي صاحب جي قتل بابت اسان جي پٽيشن به ڪورٽ ۾ آهي، اسان جي پٽيشن تي ٻڌڻي ئي ناهي ٿيندي.

Read Previous

راڻي پور پراڻي بس اسٽينڊ وٽ روڊس کاتي جي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

Read Next

”ملڪ ۾ گئس نه حڪومت جو بحران آهي، سينيٽ چيئرمين آءِ ايم ايف جي غلاميءَ لاءِ ووٽ ڏنو“

Most Popular