”ملڪ ۾ گئس نه حڪومت جو بحران آهي، سينيٽ چيئرمين آءِ ايم ايف جي غلاميءَ لاءِ ووٽ ڏنو“

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جو نه حڪومت جو بحران آهي، وفاقي حڪومت وقت تي گئس امپورٽ نه ڪرائي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته گئس جي ورڇ تي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، جنهن صوبي ۾ گئس پيدا ٿئي ٿي، اتي گئس ناهي، گئس جو بحران حڪومت جي خاتمي سان ئي ختم ٿيندو.

هن چيو ته حڪومت بي ايماني سان سينيٽ مان اسٽيٽ بئنڪ بل پاس ڪرايو، حڪومت وٽ ته گهربل انگ به موجود نه هو، اهو بل ملڪ ۽ معيشت کي آءِ ايم ايف حوالي ڪري ٿو، اهو ايڏو اهم بل هو، ڪميٽي ۾ ڇو نه موڪليو ويو؟ حڪومت بل پاس ڪرائڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين جو سهارو ورتو، سينيٽ چيئرمين تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽنگ جو حق استعمال ڪيو، جنهن تي ڳڻتي آهي، هن آءِ ايم ايف جي غلامي لاءِ ووٽ ڏنو.

سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، بلاڪ ون ۾ 175 ميٽر اونهائي تي ڪوئلو مليو آهي، ڪوئلي سان پيدا ٿيل بجلي سڀ کان سستي هوندي، اها بجلي پاڪستان کي روشن ڪندي، ٿرپارڪر مان بجلي پيدا ڪري سڄي ملڪ کي فراهم ڪنداسين، ٿرپارڪر به ترقي ڪندو.

Read Previous

مڪاني قانون، سپريم ڪورٽ کي ڪجهه معاملن تي نظرثاني جي درخواست ڪنداسين: سعيد غني

Read Next

جسٽس عمر عطا بنديال چيف جسٽس آف پاڪستان طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

Most Popular