جسٽس عمر عطا بنديال چيف جسٽس آف پاڪستان طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عمر عطا بنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.

ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب ۾ صدر عارف علوي جسٽس عمر عطا بنديال کان چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو.

وزيراعظم عمران خان به جسٽس عمر عطا بنديال جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، گڏوگڏ هٿياربند فوج جا سربراهه، جج، وڪيل، وفاقي وزير توڙي ٻيون اهم شخصيتون تقريب ۾ شريڪ ٿيون.

فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جج پنهنجي اصلاح ڪندا آهن، تنهن ڪري جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ اقليت اڪثريت ۾ تبديل ٿي، عدالتي فيصلي خلاف سوشل ميڊيا تي طوفان مچايو ويو.

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ججن خلاف ذاتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، بار ججن تي تنقيد خلاف ڪردار ادا ڪري، ان کان اڳ جو عدالت نوٽيس وٺي.

Read Previous

”ملڪ ۾ گئس نه حڪومت جو بحران آهي، سينيٽ چيئرمين آءِ ايم ايف جي غلاميءَ لاءِ ووٽ ڏنو“

Read Next

بدنصيب انسان نواز شريف جعلي رپورٽن تي ٻاهر رهڻ چاهي ٿو: شيخ رشيد

Most Popular