بدنصيب انسان نواز شريف جعلي رپورٽن تي ٻاهر رهڻ چاهي ٿو: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف بدنصيب انسان آهي، جيڪو پنهنجون جعلي رپورٽون ٺهرائي رهيو آهي ۽ ٻاهر رهڻ چاهي ٿو، دنيا ۾ اهڙو ڪو ليڊر ناهي، جيڪو پنهنجي ملڪ مان ڀڄي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف جعلي رپورٽ تي لنڊن ۾ رهڻ چاهي ٿو، چون ٿا ته ڪورونا سبب علاج نه پيو ڪرائي، اهي ماڻهن کي ڪورونا ۾ دوکو ڏيڻ چاهين ٿا، ڪورونا ۾ ماڻهن کي چون ٿا ته اسلام آباد اچو، اپوزيشن ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري، اپوزيشن جي رنگ پسٽن ۾ زنگ ويٺل آهي.

هن چيو ته روز افواهه پکيڙيا پيا وڃن، نه ڪو صدارتي نظام پيو اچي ۽ نه ڪا ايمرجنسي لڳندي، ڪو ڌرڻو نه لڳندو، نه بي اعتمادي رٿ ايندي، نه ڪا ڊيل ۽ نه ڪا ڍَر جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ڪنهن کي بي اعتمادي رٿ آڻڻي آهي ته شوق پورو ڪري، ماڻهو انهن کي ئي آڻڻا آهن، ساڍن ٽن سالن ۾ اهڙو ڪو بل ناهي، جنهن ۾ حڪومت نه کٽي هجي.

سندس چوڻ هو ته ٽي ٽي پي دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ڪئي آهي، اسلام آباد ۾ ٽي ٽي پي جا ٻه دهشتگرد ماريا ويا آهن، ٽي ٽي پي اهڙا معاملا ڪري رهي آهي، جيڪي عوامي حڪومت لاءِ قبولڻ جوڳا ناهن، امن امان جي صورتحال تي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته سنڌ ۾ 13 پاسپورٽ سينٽر ٺاهڻ چاهيون ٿا، سنڌ حڪومت سان ڳالهه ڪئي آهي، سنڌ حڪومت جي ڪري دير ٿي رهي آهي.

Read Previous

جسٽس عمر عطا بنديال چيف جسٽس آف پاڪستان طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

Read Next

ڪراچي ۾ نئون سال به ڏوهن سان ڀريل، ڦر مزاحمت تي 10 شهري قتل

Most Popular