ڪراچي ۾ نئون سال به ڏوهن سان ڀريل، ڦر مزاحمت تي 10 شهري قتل

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سال 2022 جي پهرئين مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي شرح وڌي وئي، جنوري ۾ ڦر مزاحمت تي 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب اسٽريٽ ڪرائمز  جي حوالي سان سال جو پهريون مهينو شهرين تي بجلي بڻجي ڪِريو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 31 ڏينهن دوران رڳو ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي 10 شهري مارجي ويا، ڦر دوران مزاحمت تي 60 شهري زخمي ٿيا، ڪروڙن جي رقم رقم، سونا زيور ۽ ٻيو سامان ڦر ٿيو.

جنوري ۾ 1972 شهرين کان موبائل فونز کسيا ويا، 3115 موٽر سائيڪلون چوري ٿيون ۽ 336 موٽر سائيڪلون کسيون ويون، جڏهن ته 141 گاڏيون چوري ۽  11 گاڏيون ڦر ڪيون ويون.

انگ اکرن موجب مختلف اسپتالن ۾ مارجي ويل 81 ماڻهن  جا لاش ۽  140 زخمي آندا ويا،  ڦر جي مزاحمت تي زخمي ٿيلن ۾ 3 پوليس اهلڪار به شامل آهن.

فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 2 عورتون مڙسن هٿان قتل ٿيون، جڏهن ته اتفاقي گولي لڳڻ ڪري هڪ شخص فوت ۽ 10 زخمي ٿيا، زخمي ٿيلن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل آهن.

لغڙ جي ڏور سان ڳلو ڪپجڻ، باهه سان سڙڻ ۽ ٻين واقعن ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته جنوري مهيني ۾ 4 عورتن سميت 9 ماڻهن آپگهات ڪيو، آپگهات ڪندڙن ۾ پوليس اهلڪار ۽ سيڪيورٽي گارڊ به شامل آهن.

جنوري ۾ مختلف علائقن مان 26 لاش مليا، جن مان ڪجهه لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ ٻين جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.

Read Previous

بدنصيب انسان نواز شريف جعلي رپورٽن تي ٻاهر رهڻ چاهي ٿو: شيخ رشيد

Read Next

پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جي بهترين ڪارڪردگي جاري، مسلسل چوٿين فتح

Most Popular