پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جي بهترين ڪارڪردگي جاري، مسلسل چوٿين فتح

پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي ۽ ان اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ مسلسل چوٿين ڪاميابي ماڻي ورتي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو.

ملتان سلطانز طرفان شروعات سٺي نه رهي، ڪپتان محمد رضوان 12 ۽ صهيب مقصود 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

شان مسعود 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ ٽم ڊيوڊ ۽ رائلي روسو جارحاڻي بيٽنگ ڪندي اسلام آباد جي بالرن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا.

ڊيوڊ 29 بالن تي 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته رائلي روسو 35 بالن تي 67 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽيو.

ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 217 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪِرنديون رهيون پر ڪپتان شاداب خان سخت مزاحمت ڪئي ۽ آخر ۾ بدقسمتي سان رن آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ملتان جي بالرن کي اسلام آباد جي اننگز جو خاتمو ڪرڻ ۾ دير نه لڳي.

اسلام آباد طرفان ڪپتان شاداب خان 91 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، هيلز 23، گرباز 15، پال اسٽرلنگ 19، آصف علي 15، اعظم خان 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم 20 رنسن تان ڪاميابي ماڻي پي ايس ايل 7 ۾ مسلسل چوٿين ڪاميابي ماڻي ورتي.

Read Previous

ڪراچي ۾ نئون سال به ڏوهن سان ڀريل، ڦر مزاحمت تي 10 شهري قتل

Read Next

بوسٽر ڊوز نه لڳرائڻ تي هزارين ملازمن جون پگهارون بند

Most Popular