ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ڪورونا جو شڪار ٿي ويو. جسٽن ٽروڊو ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي ڪورونا ظاهر ٿيڻ بابت اطلاع ڏنو. هن لکيو ته اڄ صبح جو منهنجي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي، پر آئون بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ هلندڙ هفتي گھر کان ئي ڪم ڪندو رهندس. ان کانسواءِ هن شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي اپيل به ڪئي