ڀارتي آرمي چيف جي طاقت جي بنياد تي جنگ بندي جي دعويٰ بي بنياد آهي: آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ڀارتي آرمي چيف جي طاقت جي بنياد تي لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي جنگ بندي جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جي طاقت جي بنياد تي جنگ بندي جي دعويٰ بي بنياد آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن کان ڪشميرين جي حفاظت لاءِ سيز فائر تي اتفاق ڪيو ويو.

هن ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي وڌيڪ چيو ته ڪا به ڌر ان کي پنهنجي طاقت يا ٻئي جي ڪمزوري نه سمجهي.

Read Previous

ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن: شيخ رشيد

Read Next

نواز شريف جي رپورٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو

Most Popular