روس وڏي حملي جي تياري ۾ آهي: آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ

آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته  روس وڏي جي تياري ۾ آهي.

آمريڪي اهلڪارن انٽيليجنس رپورٽن جي تجزيي کان پوءِ خبردار ڪيو آهي ته روس يوڪرائن تي وڏي حملي جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. پر في الحال اهو واضح ناهي ته ماسڪو ان منصوبي تي عمل ڪندو يا نه.هن وقت 110،000 روسي فوجي يوڪرين جي سرحد تي مقرر آهن.

انٽيليجنس ذريعن موجب جنهن رفتار سان وڌيڪ فوجي اتي پهچي رهيا آهن، فيبروري جي وچ تائين ڏيڍ لک فوجي يوڪرين جي سرحد تي ٿي سگھن ٿا، جيڪي وڏي حملي لاءِ گھربل آهن.

آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ موجب اهڙي ڪنهن امڪاني وڏي حملي جي صورت ۾ روس رڳو ٻن ڏينهن اندر ڪييف حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ تي قابض ٿي سگھي ٿو. ان دوران امڪاني طور تي 25 کان 50 هزار شهري، پنج کان 25 هزار يوڪرين جي فوجي جڏهن ته 3 کان 10 هزار روسي فوجي مارجي سگھن ٿا.

Read Previous

پي ايس ايل ۾ دفاعي چيمپيئن ملتان سلطانز جي زبردست ڪارڪردگي، مسلسل پنجين ميچ ۾ فتح

Read Next

ن ليگ ۽ پ پ فضل الرحمان کي مک جيان ڪڍيو: شيخ رشيد

Most Popular