ڪرم ۾ افغانستان مان دهشتگردن جي فائرنگ، 5 جوان شهيد

خيبر پختونخواهه صوبي جي ضلعي ڪرم ۾ پاڪ افغان بارڊر تي سرحد پار کان دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ڪرم ضلعي ۾ افغانستان مان دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان ٿيو آهي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شهيدن ۾ لانس نائيڪ، ضياءُ الله خان، ناهيد اقبال، سمير الله خان ۽ سپاهي ساجد علي شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردن طرفان افغان سرزمين جي استعمال جي سخت مذمت ٿو ڪري ۽ افغان جي نگران حڪومت مان اڳتي اهڙيون سرگرميون نه ٿيڻ جي اميد رکي ٿو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت خلاف پاڪستان جي سرحدن جي بچاءَ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

Read Previous

آءِ ايم ايف جا پاڪستان کان ڪيل مطالبا سامهون اچي ويا

Read Next

واٽس ايپ جي ”ڊليٽ فار ايوري ون“ فيچر ۾ نئين سهولت

Most Popular