واٽس ايپ جي ”ڊليٽ فار ايوري ون“ فيچر ۾ نئين سهولت

پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دنيا جي مشهور ترين ايپ واٽس ايپ پنهنجن واهپيدارن لاءِ ميسيج جي ڊليٽ فار ايوري ون فيچر ۾ زبردست سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.

واٽس ايپ ۾ غلطي سان ڪو به ميسيج موڪليو وڃي ته ان کي ڊليٽ ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل فيچر موجود آهي پر واهپيدارن کي پنهنجو پيغام هڪ ڪلاڪ 8 منٽن ۽ 16 سيڪنڊن جي اندر ڊليٽ ڪرڻو پوندو آهي ٻي صورت  ۾ سڀني لاءِ ڊليٽ جو آپشن ناهي ايندو پر هاڻ واهپيدارن کي اهم رليف ملي ويو آهي.

واٽس ايپ جي فيچرز ۽ خبرن تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ ”ڊبليو اي بيٽا انفو“ موجب ايپ جي بيٽا ورجن ۾ نئين اپ ڊيٽ سامهون آئي آهي جنهن تحت ميسيج ڊليٽ ڪرڻ جي مهلت 2 ڏينهن 12 ڪلاڪ يا 36 ڪلاڪ ٿي ويندي. ڪمپني ميسيج ڊليٽ ڪرڻ لاءِ وقت جو دورانيو وڌائي رهي آهي.

اها سهولت في الحال واٽس ايپ جي بيٽا ورجن واهپيدارن لاءِ آهي، ايپ جي سڀني يوزرس لاءِ اهو آپشن ڪڏهن ايندو اهو چوڻ اڳڪٿي هوندي.

Read Previous

ڪرم ۾ افغانستان مان دهشتگردن جي فائرنگ، 5 جوان شهيد

Read Next

افغان ڇوڪري جي خط تي اينجلينا جولي افغان عورتن لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

Most Popular