افغان ڇوڪري جي خط تي اينجلينا جولي افغان عورتن لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

مشهور هالي ووڊ اداڪارا ۽ گڏيل قومن جي سفير اينجلينا جولي کي افغان ڇوڪري جو خط مليو آهي.

اينجلينا جولي انسٽاگرام تي افغان ڇوڪري طرفان مليل خط بابت ٻڌايو.

هن لکيو ته هو ڇوڪري جي سڃاڻپ ظاهر نه پئي ڪري پر طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اها ڇوڪري ٻيهر اسڪول ناهي وڃي سگهي.

اداڪارا لکيو ته افغان عورتن کي رڳو پرامن احتجاج ۾ حصو وٺڻ تي گرفتار ڪرڻ بعد هن افغان ڇوڪري اهو خط لکيو ته شايد هو ٻيهر ڪڏهن ٻاهر نه نڪري سگهي ۽ نه ڳالهائي سگهندي ڇو ته هو هڪ ڇوڪري آهي.

هن درخواست ڪئي ته مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اسان افغان عورتن کي ناهي وساريو.

ياد رهي ته ان کان اڳ به اينجلينا جولي هڪ افغان ڇوڪري جو خط پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيو هو.

Read Previous

واٽس ايپ جي ”ڊليٽ فار ايوري ون“ فيچر ۾ نئين سهولت

Read Next

پي ايس ايل ۾ 100 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ جي اجازت

Most Popular