پي ايس ايل ۾ 100 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ جي اجازت

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر (اين سي او سي) پي ايس ايل ۾ مرحلي وار 100 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مجموعي صورتحال ۽ وڏن شهرن ۾ ڪيسن جي شرح جو جائزو ورتو ويو.

اين سي او سي موجب اجلاس ۾ پي ايس ايل لاءِ لاهور جي اسٽيڊيم ۾ 50 سيڪڙو تماشائين کي اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته 15 فيبروري تائين 50 سيڪڙو گنجائش سان تماشائي ميچون ڏسي سگهندا ۽ 16 فيبروري کان 100 سيڪڙو تماشائي اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل ميچون ڏسي سگهندا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب رڳو مڪمل ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي ميچ ڏسڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار به ميچ ڏسي سگهندا.

Read Previous

افغان ڇوڪري جي خط تي اينجلينا جولي افغان عورتن لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

Read Next

مڪاني چونڊون، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي: وزيراعظم

Most Popular