مڪاني چونڊون، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور طاقت سان ميدان ۾ لهنداسين، تحريڪ انصاف ملڪ جي مقبول ترين جماعت آهي، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم مڪاني چونڊن لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، مڪاني چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جي طريقي ڪار تي به مشاورت ٿي، وڏن شهرن ۾ ميئرز لاءِ نالن جي تجويزن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم عوامي جلسن جو شيڊيول تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي منظم ڪيو وڃي، اسان جا ڪارڪن پارٽي جو قيمتي اثاثو آهن، مڪاني چونڊن ۾ ميرٽ تي ٽڪيٽون ورهايون وينديون.

هن چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ جي مقبول جماعت آهي، مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور قوت سان ميدان ۾ لهنداسين، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي چين دوري بابت به بريفنگ ڏني وئي ۽ وزيراعظم دوري جي ڪاميابي اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Read Previous

پي ايس ايل ۾ 100 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ جي اجازت

Read Next

اپوزيشن جو حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

Most Popular