اپوزيشن جو حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

اپوزيشن جماعتن حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ معاملي جي منظوري جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ان حوالي سان پ پ کي آگاهه ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو طئي ٿيڻ باقي آهي ته رٿ اڳ ۾ وزيراعظم خلاف آندي ويندي يا قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف پيش ڪئي ويندي.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ بي اعتمادي رٿ جي حڪمت عملي طئي ٿيندي ۽ بي اعتمادي رٿ تي هڪ موقف اختيار ڪرڻ کانپوءِ رابطا شروع ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ کي ق ليگ سان رابطو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو ۽ جهانگير ترين جي حمايت 6 ايم اين ايز سان به پ پ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته جهانگير ترين سان مخدوم احمد محمود اڳ ئي رابطي ۾ آهي.

ذريعن موجب حڪومت جي ڪاوڙيل ميمبرن مان ڪجهه جو واسطو پنجاب ۽ ٻين جو خيبر پختونخواهه سان آهي.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جا معاملا به طئي ٿي ويا آهن ۽ جلد ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿيندي.

ان کانسواءِ آصف علي زرداري به ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جي عيادت لاءِ وٽس ويندو.

Read Previous

مڪاني چونڊون، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي: وزيراعظم

Read Next

ڀلي سڀ عضوا ڪڍي ڇڏيو: ڀٽ شاهه واسڻ مڙس جي حياتي بچائڻ لاءِ وڏي قرباني ڏئي ڇڏي

Most Popular