ڀلي سڀ عضوا ڪڍي ڇڏيو: ڀٽ شاهه واسڻ مڙس جي حياتي بچائڻ لاءِ وڏي قرباني ڏئي ڇڏي

ڀٽ شاهه واسڻ عورت مڙس سان وفا ڪندي اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

ڀٽ شاهه واسڻ عورت جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، جنهن ۾ هوءَ مڙس کي پنهنجو جگر ڏيڻ کانپوءِ چئي رهي آهي ته ڀلي منهنجا سڀ عضوا ڪڍي ڇڏيو پر مڙس جي زندگي بچايو.

ڀٽ شاهه جو رهواسي محمد خان جگر جي عارضي ۾ مبتلا هو، جنهن جي جگر جي ڪامياب ۽ مفت پيوندڪاري عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل اسئنس گمبٽ، خيرپور ۾ ڪئي وئي.

Read Previous

اپوزيشن جو حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

Read Next

علي امين گنڊاپور جي چونڊ مهم ۾ شرڪت تي پابندي، ڀاءُ نااهل قرار

Most Popular