علي امين گنڊاپور جي چونڊ مهم ۾ شرڪت تي پابندي، ڀاءُ نااهل قرار

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي ڀاءَ ۽ مڪاني اميدوار عمر امين گنڊاپور کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت علي امين گنڊاپور ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.

چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار عمر امين گنڊاپور ڊي آءِ خان سٽي ميئر جي سيٽ تي چونڊ نٿو وڙهي سگهي.

اليڪشن ڪميشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي علي امين گنڊاپور جي ڀاءَ عمر امين کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته وفاقي وزير کي مڪاني چونڊ مهم ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو.

پر اليڪشن ڪميشن علي امين گنڊاپور جي ڊيرا اسماعيل خان وڃڻ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته هو گهريلو تقريبن ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن بگاخيل بنون مان پي ٽي آءِ اميدوار مامون الرشيد کي به نااهل قرار ڏئي چڪي آهي.

Read Previous

ڀلي سڀ عضوا ڪڍي ڇڏيو: ڀٽ شاهه واسڻ مڙس جي حياتي بچائڻ لاءِ وڏي قرباني ڏئي ڇڏي

Read Next

هٿرادو فيس ماسڪ ۾ ڪهڙيون شيون استعمال ڪرڻ گھرجن ڪهڙيون نه!

Most Popular