قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتي سيٽون وڌائڻ جي درخواست رد

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتي سيٽون وڌائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتي سيٽون وڌائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اقليتي سيٽن جو انگ وڌائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم گھربل آهي، پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم جو حڪم نٿا ڏئي سگھون.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ملڪي آبادي ۾ تمام گھڻي واڌ ٿي آهي، آبادي وڌڻ کانپوءِ پارليامينٽ کي اقليتي سيٽن جو انگ وڌائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جسٽس اعجاز الحسن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽس وٽ پارليامينٽ کي آئيني ترميم جو حڪم ڏيڻ جو اختيار ناهي، ڪيئن چئون ته پارليامينٽ اقليتي سيٽيون وڌائي.

Read Previous

پاڪستان دورو: آسٽريليا ٽيسٽ سيريز لاءِ مضبوط اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم پاران ايف سي ۽ رينجرز جي پگھارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان

Most Popular