وزيراعظم پاران ايف سي ۽ رينجرز جي پگھارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان ايف سي ۽ رينجرز جي پگھارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نوشڪي ۾ فوجي جوانن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان پگھارن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏيندڙ فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته جوانن جي دليري تي سڄي قوم جي طرفان کين ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته نوشڪي ان ڪري آيس جو اوهان کي پيغام ڏيان ته سڄي قوم اوهان سان گڏ بيٺل آهي.

Read Previous

قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتي سيٽون وڌائڻ جي درخواست رد

Read Next

ننڍي عمر جي واهپيدارن لاءِ ٽڪ ٽاڪ جي نئين نظام تي ڪم جاري

Most Popular