فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي جسٽس وقار سيٺ جي قبر تي وڃي معافي گهرڻ جو حڪم

خاص عدالت جي جج وقار سيٺ خلاف زهر اوڳاڇڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ پشاور هاءِ ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي.

هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف کي ڦاهي جي سزا ٻڌائيندڙ خاص عدالت جي جج وقار سيٺ خلاف وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جتي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ اڳوڻي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ پيش ٿي، ٻنهي عدالت کان غير مشروط معافي گهري.

جسٽس روح الامين چيو ته جنهن جج صاحب جي دل آزاري ڪئي آهي، اهو قبر تي وڃي دعا ڪري ۽ معافي گهري، الله پاڪ به غفور ۽ درگزر کي پسند ڪندو آهي پر جنهن جي دل آزاري ڪجي، ان کان معافي گهرڻ ضروري آهي،  توهان قبر تي وڃي معافي وٺڻ کانپوءِ اسان وٽ اچو، توهان ذميوار ماڻهو آهيو، اهڙي ٻولي استعمال ڪندئو ته عام ماڻهو ڇا ڪندو.

عدالت ٻنهي کي تحريري حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته توهان حلف نامو جمع ڪرايو، پوءِ اسان آرڊر ڪنداسين.

Read Previous

هڪٻئي جا ڀِڀَ ڦاڙيندڙ چور اڄ گڏ ٿي رهيا آهن: وزيراعظم

Read Next

هندو انتهاپسندن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ مسڪان جو موقف سامهون اچي ويو

Most Popular