هندو انتهاپسندن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ مسڪان جو موقف سامهون اچي ويو

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ اڪيلي سر هندو انتهاپسندن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ باحجاب ناري مسڪان جو موقف سامهون اچي ويو.

گذريل ڏينهن ڪرناٽڪ جي هڪ ڪاليج ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو هو، جتي هندو انتهاپسندن برقعي ۾ ڪاليج ايندڙ ناري مسڪان کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ناري مسڪان چيو ته مان اڪيلي سر منهن ڏيڻ لاءِ پريشان نه هيس ۽ جيڪڏهن اڳتي به اهڙو ڪو واقعو پيش آيو ته پنهنجي حجاب جي حفاظت ۾ وڙهندي رهنديس.

هن چيو ته جڏهن مان ڪاليج داخل ٿيس ته مون کي رڳو برقعي جي ڪري اجازت نه ڏني وئي، مخالف گروپ جا تقريبن 10 سيڪڙو مرد ڪاليج جا شاگرد هئا، باقي ٻاهر جا ماڻهو هئا.

سندس موجب مان ڪلاس ۾ برقعو لاهي ڇڏيندي هئس ۽ رڳو حجاب هوندو هو، ڇو ته اهو اسان جي دين جو حصو آهي، پرنسپال اسان کي ڪڏهن ڪجهه نه چيو ۽ نه اسان کي برقعو لاهڻ جو چيو.

مسڪان ٻڌايو ته منهنجي هندو دوستن به منهنجو ساٿ ڏنو، پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري رهي آهيان، هر ڪو چئي رهيو آهي ته اسان توهان سان گڏ آهيون.

Read Previous

فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي جسٽس وقار سيٺ جي قبر تي وڃي معافي گهرڻ جو حڪم

Read Next

آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

Most Popular