اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن کي روڪيو ويو

اسلام آباد هائيڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊون روڪي ڇڏيون.

اسلام آباد هائيڪورٽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سي ڊي اي مزدور يونين، آفيسرز ايسوسيئيشن ۽ سردار مهتاب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن طرفان بيرسٽر عمران اعجاز گيلاني، قاضي عادل، ڪاشف ملڪ ۽ ٻيا وڪيل پيش ٿيا.

قاضي عادل ايڊووڪيٽ چيو ته اليڪشن ٿي وڃي ۽ جنهن ڏينهن آرڊيننس ختم ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

عدالت پڇاڻو ڪيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي نئون مڪاني نظام ڇو آندو ويو؟ ٻڌڻي دوران عدالت درخواستگذارن وڪيلن کي پنهنجون پنهنجون درخواستون پڙهڻ جي هدايت ڪئي.

ڪاشف ملڪ ايڊووڪيٽ چيو ته سي ڊي اي آرڊيننس ۾ ڪا به ترميم ناهي ڪئي وئي.

اسلام آباد هائيڪورٽ چيو ته ڪهڙي صوبي ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون؟ روئي روئي ته ڪم ڪري رهيا آهن وفاقي حڪومت ته مڪاني چونڊون چاهي ئي نه پئي.

حڪومتي وڪيل چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون ٿيون آهن، جنهن تي عدالت چيو ته مڪاني نمائيندن وٽ ته اختيار ئي نه هئا، ڇا وفاقي حڪومت فنڊ جاري ڪيا؟

اسلام آباد هائيڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته يونين ڪائونسل وٽ ته فنڊ ئي نه هئا، ملڪ ۾ جنگ جي حالت هجي ۽ اسيمبلي اجلاس نه ٿي سگھندو هجي، رڳو ان وقت ئي آرڊيننس جاري ٿي سگھي ٿو، پارليامينٽ سيشن ۾ هجي ته اوهان ڪيئن آرڊيننس جاري ڪري سگھو ٿا؟

حڪومتي وڪيل چيو ته 19 نومبر تي پارليامينٽ جو سيشن ختم ٿي ويو هو، 23 نومبر تي آرڊيننس جاري ٿيو، آرڊيننس جاري ڪيو ڇو جو اليڪشن ڪميشن جي 25 نومبر جي ڊيڊ لائن هئي.

عدالت چيو ته 14 فيبروري 2021ع تي مڪاني ادارا ختم ٿيا، نومبر تائين ڇا ائين ئي رهيو؟

حڪومتي وڪيل جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن گھرو وزارت کي آرڊر ڪيو هو ته 10 ڏينهن ۾ قانون ٺاهيو.

عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن کي روڪي ڇڏيون ٿا اوهان آرڊيننس قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو.

اسلام آباد هائيڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌني 3 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس محسن اختر ڪياني اسٽي جاري ڪيو.

Read Previous

ناڻي واري وزير جو سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ واڌ بابت وڏو بيان

Read Next

پاڻ کان 31 سال ننڍي ڪنوار سان گڏ وڊيو وائرل، عامر لياقت جي وضاحت

Most Popular