پاڻ کان 31 سال ننڍي ڪنوار سان گڏ وڊيو وائرل، عامر لياقت جي وضاحت

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قومي اسيمبلي ميمبر، اسڪالر ۽ ٽي وي ميزبان عامر لياقت حسين پنهنجي زال سان گڏ وائرل ٿيل وڊيو ۽ تصوير بابت وضاحت ڪئي آهي ته زال ۽ مڙس جي گڏ تصوير شادي واري رات جي ناهي هوندي.

عامر لياقت انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر تي پاڻ کان 31 سال ننڍي 18 ورهين جي سيده دانيا شاهه سان ٽين شادي جي تصديق ڪئي هئي.

عامر لياقت طرفان پاڻ کان 31 سال ننڍي ڇوڪري سان ٽين شادي جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ هن پاڻ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي زال سان گڏ بستري تي ٺاهيل هڪ وڊيو به شيئر ڪئي آهي.

ڄاڻايل وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ عامر لياقت حسين جو نالو ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام تي ٽرينڊ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن جتي هن تي نتقيد ڪئي، اتي هن جي ٽين شادي تي مزاحيا ميمز به شيئر ڪيون.

عامر لياقت تنقيد ڪندڙن کي ڇتو جواب ڏيندي لکيو ته هن جي ٽين شادي ڇا ٿي؟ ڄڻ آسٽريليا جي ٻيلن ۾ باهه لڳي وئي.

هن لکيو ته سڙو، ڀائي سڙو، پوئتي مڙي ناهيان ڏسندو، هن ماڻهن کي سمجهايو ته زال مڙس جي هر تصوير سهاڳ رات جي ناهي هوندي.

Read Previous

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن کي روڪيو ويو

Read Next

ڊگھي ڄمار لاءِ ڪهڙين غذائن جو استعمال ڪرڻ گھرجي؟

Most Popular