نجي ٽي وي جو رپورٽر بڻجي به ڀيرا آمريڪي ويزا وٺندڙ جوابدار گرفتار

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) انساني سمگلنگ جي روڪٿام بابت سرڪل آمريڪي قونصل خاني جي شڪايت تي نجي ٽي وي جو رپورٽر بڻجي 2 ڀيرا آمريڪي ويزا وٺندڙ جوابدار اعجاز چيما کي گرفتار ڪري ورتو.

ترجمان موجب جوابدار 2019ع ۾ سينيئر رپورٽ طور گڏيل قومن جي اجلاس جي ڪوريج به ڪئي. سيالڪوٽ جي رهواسي جوابدار 2020ع ۾ سينيئر نمائيندو بڻجي ٻيون ڀيرو ويزا ورتي.

ايف آءِ اي موجب جاچ ۾ نجي ٽي وي جي انتظاميا جوابدار جي پيش ڪيل خطن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو.

ترجمان ٻڌايو ته آمريڪي قونصل خاني ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ کي ڪارروائي جي درخواست ڏني جنهن تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

Read Previous

نواز شريف جي ڊاڪٽر جي لکت ٻيهر رد

Read Next

ڀارتي سپريم ڪورٽ جو حجاب بابت درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار

Most Popular