ڀارتي سپريم ڪورٽ جو حجاب بابت درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار

ڀارتي سپريم ڪورٽ حجاب بابت درخواست تي فوري ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪرايل درخواست تي ڀارتي چيف جسٽس چيو ته ڪرناٽڪ هائيڪورٽ کي حجاب پائڻ جي اجازت ڏيڻ گھرجي.

ڀارتي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اسان سڀ هتي شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون، ان درخواست کي وقت اچڻ تي ٻڌنداسين.

ڀارتي چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر آهي ته رياست ۽ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڇا ٿي رهيو آهي.

ڀارتي ساليسيٽر جنرل حجاب بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست بابت چيو ته ان معاملي کي سياسي ۽ مذهبي نه بڻايو وڃي، جڏهن ڪرناٽڪ هائيڪورٽ جو حڪم ئي ناهي آيو ته معاملي کي سپريم ڪورٽ ڪيئن آندو ويو.

ٻي پاسي ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي تي شاگردن ۽ شاگرديانين ۽ اقليتن جي مختلف تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته حجاب هنن جو حق آهي.

مظاهرن ۾ شريڪ شاگرد، شاگردياڻين ۽ ٻين تنظيمن جو چوڻ آهي ته آئين تحت ڏنل حقن جو احترام ڪرڻ گھرجي.

Read Previous

نجي ٽي وي جو رپورٽر بڻجي به ڀيرا آمريڪي ويزا وٺندڙ جوابدار گرفتار

Read Next

شعيب اختر سياست ۾ نه اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular