مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف 14 سالن کان پوءِ چوڌري ڀائرن سان ملاقات لاءِ سندن گھر پهتو.
شهباز شريف مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي.
ن ليگ جي وفد ۾ اياز صادق، رانا تنوير، جواجا سعد رفيق، عطاءُ الله تارڙ ۽ شبير عثماني شامل هئا، ملاقات ۾ سالڪ حسين ۽ شافع حسين به شريڪ ٿيا.
ذريعن موجب شهباز شريف ۽ چوڌري ڀائرن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت موجوده ملڪي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
شهباز شريف پنهنجي ۽ نواز شريف طرفان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت دريافت ڪئي ۽ چوڌري شجاعت حسين جي مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
چوڌري شجاعت حسين ملاقات ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف جا به ٿورا مڃيا.