”مشرف جو ڪيس نيب لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، نيب عوام ۾ پنهنجو اعماد بحال ڪري“

چيف جسٽس اسلام آباد هائيڪورٽ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس قومي احتساب بيورو (نيب) لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي.

نيب طرفان پرويز مشرف جي خلاف اثاثن جي انڪوائري نه ڪرڻ تي نيب چيئرمين جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي.

نيب طرفان اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو ويو هو پر انڪوائري ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگھي.

نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف جي خلاف 15 مارچ 2018ع تي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، پرويز مشرف جي پرڏيهه ۾ موجود پراپرٽي ۽ اڪائونٽن جي تفصيلن لاءِ ايم ايل اي لکي ڇڏيو هو، لاڳاپيل اٿارٽيز طرفان هن وقت تائين جواب جو انتظار آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف جون پرڏيهه ۾ 2 پراپرٽيز ۽ 2 فارن اڪائونٽس بابت ايم ايل ايز جو جواب نه ملڻ تي ياد ڏيارڻ لاءِ خط به موڪليا ويا، انڪوائري دوران پرويز مشرف ۽ گھرڀاتين جي سمورن اڪائونٽس ۽ اثاثن جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو.

عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف کي انڪوائري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سوالنامو به موڪليو ويو، ايم ايل ايز جو جواب ملڻ تي ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته نيب جي ذميواري ته رڳو چونڊيل نمائيندن جي احتساب جو تاثر ڏئي، پرويز مشرف رڳو آرمڊ فورسز سان نه پر چيف ايگزيڪٽو ۽ پبلڪ آفيس هولڊر به هو.

جسٽس اطهر من الله چيو ته پرويز مشرف سياسي جماعت جو سربراهه ۽ سياستدان آهي، پرويز مشرف جو ڪيس نيب لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، نيب عوام ۾ پنهنجو اعماد بحال ڪري.

ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب جهانزيب ڀروانا عدالت کي ٻڌايو ته پرويز مشرف جون 29 پراپرٽيز آهن، ايم ايل ايز جي جواب جو انتظار آهي، هڪ مهيني تائين جواب ملڻ جي اميد آهي.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پرويز مشرف جي هڪ اڪائونٽ ۾ 20 لک ڊالر آهن، اسان ثبوت به ڏئي چڪا آهيون، ايم ايل اي جو 40 سال جواب نه اچي ته ڇا اهي ويٺا هوندا؟

ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ اعتراف ڪيو ته ڊالرن عيوض شهرين کي وڪرو ڪيو.

درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته دستياب ثبوت تي ريفرنس داخل ڪريو، ايم ايل اي جو جواب اچڻ کان پوءِ ضمني ريفرنس به داخل ڪري سگھو ٿا.

جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان نيب اختيارين کي مخاطب ڪندي چيو ته ٽئي سال ٿي ويا آهن ايم ايل اي لکيل خط ۽ اوهان 3 کان جواب جو انتظار ڪري رهيا آهيو؟

Read Previous

ميان چنون واقعو: ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 6 مرڪزي جوابدارن سوڌو 17 ڄڻا گرفتار

Read Next

ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو: وزيراعظم

Most Popular