ميان چنون واقعو: ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 6 مرڪزي جوابدارن سوڌو 17 ڄڻا گرفتار

ميان چنون ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪندي پنجاب پوليس وڌيڪ 6 مرڪزي جوابدارن سميت 17 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پنجاب پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 6 مرڪزي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ گڏيل گرفتار ڪيل مرڪزي جوابدارن جو انگ 12 ٿي چڪو آهي.

اڄ گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ سدا بهار، مطلوب، رفاقت، عنصر حسين ولد محمد نواز، عنصر حسين ۽ محمد شفيق شامل آهن.

واضح رهي ته ان افسوسناڪ واقعي جي ڪيس ۾ 33 ڄڻڻ کي نامزد ڪيو ويو آهي، پر هيل تائين گڏيل طور تي 102 شڪي ماڻحن کي قيد ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن شهرين کي چڙ ڏياري، سِرن ۽ ڏنڊن سان شهري تي تشدد ڪيو ويو هو، گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف دهشتگردي ۽ سنگين ڏوهن جي قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پيٽرول شين جي اگھن ۾ وري واڌ جو امڪان

Read Next

”مشرف جو ڪيس نيب لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، نيب عوام ۾ پنهنجو اعماد بحال ڪري“

Most Popular