ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان اپوزيشن اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته گھٻرايل ماڻهن کي نيٺ چوڌري شجاعت حسين جي صحت جو خيال اچي ويو.

وزيراعظم عمران خان جو هائيڊرو پاور ڊولپمينٽ بابت ڪوٺايل بين الاقوامي سمپوزيم کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم سٺي سائٽ آهي.

هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ڀائرن کي ڪالاڊغ ڊيم تي قائل ڪنداسين ته ملڪ مخالف قوتون کين استعمال ڪنديون، پاڪستان مخالف قوتون انهن کي چونديون ته توهان جو پاڻي چوري ٿي ويو آهي.

هن ڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ مهم هلائڻي پوندي، کين سائنٽفڪ طريقي سان ٻڌائڻو پوندو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان کين نقصان نه فائدو ٿيندو، ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪالا باغ ڊيم شروع ڪنداسين ته ڏڦير پيدا ڪندڙ کين استعمال ڪندا.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته چين 5000ڊيم ٺاهي چڪو آهي، اسان فيول تي بجلي ٺاهيندا آهيون، فيول جي قيمت وڌندي آهي ته بجلي جا اگهه به وڌي وڃن ٿا، جيڪڏهن پاڻي سان بجلي ٺاهيون ها ته اسان کي بجلي مهانگي نه ڪرڻي پوي ها.

سندس چوڻ هو ته ڊي آءِ جي خان ۾ زمين پئي آهي، پر پاڻي ناهي، بلوچستان ۾ لکين ايڪڙ زمين موجود آهي، جيڪڏهن پاڻي مل وڃي ته ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪر سگھون ٿا، بدقسمتي سان اسان پڻو ذخيرو ناهي ڪيو، پاڻي سان بجلي ٺاهيون ٿا ته ڪلائمنٽ چينج جو مسئلو به گھٽ ٿي وڃي ٿو.

عمران خان چيو ته ٽنل ٽيڪنالوجي ڊيم جي لاءِ گھڻو ضروري آهي ۽ ٽنل ٽيڪنالوجي سياحت جي لاءِ گھڻي ضروري آهي.

سندس چوڻ هو ته مونس الاهي سٺي ڳالهه ڪئي ته پي ٽي آءِ کي ملاقاتن سان گھٻرائڻ نه گھرجي، پي ٽي آءِ جي 25 سال ۾ اهڙي ٽريننگ ڪرائي آهي جو هو مضبوط ٿي وئي آهي.

ان موقعي تي اپوزيشن اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪي گھراٻل آهن، انهن کي به چوڌري صاحب (چوڌري شجاعت حسين) جي صحت جو خيال اچي ويو آهي، چوڌري ڀائرن جي فيملي تي مڪمل اعتماد آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته چوڌري صاحب وٽ جيڪا سياسي مهارت آهي اها شايد ئي ڪنهن ٻئي وٽ هجي، گھٻرايل ماڻهو 20 سال پهرين ڪارڪنن ۽ ايم پي ايز جي فوتگي تي به تعزيت لاءِ وڃي رهيا آهن.

Read Previous

”مشرف جو ڪيس نيب لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، نيب عوام ۾ پنهنجو اعماد بحال ڪري“

Read Next

فيس بڪ جو بهترين فيچر واٽس ايپ ۾ متعارف ڪرائڻ جي تياري

Most Popular