فيس بڪ جو بهترين فيچر واٽس ايپ ۾ متعارف ڪرائڻ جي تياري

پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندڙ دنيا جي مشهور ايپ واٽس ايپ هميشا جيان هن ڀيري به واهپيدارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي جديد فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب واٽس ايپ جلد ئي ”ڪور فوٽوز“ جو آپشن بيٽا ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو جنهن تحت پروفائل تي ڪور فوٽو لڳائي سگھبو.

اهو فيچر سوشل ميڊيا ايپس فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي گھڻا سال اڳ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻ واٽس ايپ ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پر اهو فيچر في الحال واٽس ايپ جي بزنس اڪائونٽس لاءِ متعارف ڪرايو ويندو، ان سان واهپيدارن کي پنهنجي پراڊڪٽ جي نمائش ۾ سولائي ٿيندي.

تصوير ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته واهپيدار پروفائل تي ڪيمرا جي نشان واري آپشن تي وڃي گيلري مان تصوير چونڊي ڪور فوٽو لڳائي سگھبو.

واٽس ايپ طرفان فيچر متعارف ڪرائڻ جي حتمي تاريخ جو ناهي ڪيو.

Read Previous

ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو: وزيراعظم

Read Next

شاهد خان آفريدي پي ايس ايل کي الوداع چئي ڇڏيو

Most Popular