شاهد خان آفريدي پي ايس ايل کي الوداع چئي ڇڏيو

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 ۾ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز ٽيم جو حصو رهندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر رانديگر شاهد خان آفريدي ليگ جون باقي مئچون کيڏڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

آفريدي پنهنجن مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته مداحن گذريل ڏينهن منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي، لوئر بيڪ انجري تمام گهڻي پراڻي آهي، منهنجي چيلهه ۽ پيرن جون آڱريون به جواب ڏئي چڪيون آهن، صحت ئي سڀ ڪجهه آهي، برداشت سان راند کيڏي رهيو آهيان. هن چيو ته پي ايس ايل سٺي طريقي سان ختم ڪريان، پر هاڻ برداشت ختم ٿي چڪي آهي، نديم عمر جا ٿورا مڃان ٿو ۽ ان سان گڏ معذرت به ڪيان ٿو ته سڄو پي ايس ايل نه کيڏي رهيو آهيان، مداحن جي ڪري آخري پي ايس ايل کيڏڻ چاهيو پئي.

Read Previous

فيس بڪ جو بهترين فيچر واٽس ايپ ۾ متعارف ڪرائڻ جي تياري

Read Next

ڀارتي اداڪارا شلپا شيٽي عدالت طلب

Most Popular