ڀارتي اداڪارا شلپا شيٽي عدالت طلب

بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي، سندس ڀيڻ شميتا شيٽي ۽ ماءُ سنندا ​​شيٽي کي لکين رپين جا مچلڪا جمع نه ڪرائڻ تي عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب پرهاد امرا نالي ڀارتي بزنس مين ۽ هڪ آٽو موبائيل ايجنسي جي مالڪ بالي ووڊ اداڪارائن شلپا، شميتا ۽ سندن ماءُ سنندا ​​شيٽي خلاف شڪايت داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ مٿن 21 لک رپيا ادا نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

شلپا شيٽي ڪندرا جي مرحوم والد هن کان 2015 ۾ 21 لک رپيا قرض ورتو هو، جيڪو کيس جنوري 2017 ۾ واپس ڪرڻو هو. پر هن پئسا نه ڏنا ۽ هاڻي سندس زال ۽ ڌيئرون به رقم واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن. نتيجي ۾، انڌيري جي هڪ عدالت ٽنهي کي 28 فيبروري 2022 تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

ڀارتي خابرو اداري موجب انڌيري جي عدالت اداڪارا شلپا شيٽي ڪندرا، سندس ڀيڻ شميتا شيٽي ۽ ماءُ سنندا ​​شيٽي کي سمن جاري ڪندي کين 28 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته شلپا شيٽي گذريل سال به پنهنجي مڙس راج ڪندرا پاران فحش فلمون ٺاهڻ جي ڪيس سبب قانوني مشڪلاتن ۾ ڦاسي وئي هئي.

Read Previous

شاهد خان آفريدي پي ايس ايل کي الوداع چئي ڇڏيو

Read Next

روس جي نئين جنگي جهاز آمريڪا جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون

Most Popular