روس جي نئين جنگي جهاز آمريڪا جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون

Usa vs Russia. Versus USA VS Russia concept. The concept of relations between States, economic community, politics. Vector illustration

جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان هڪ اهڙو جنگي جهاز تيار ڪيو ويو آهي جيڪو اڳتي وڌندي پٺيان کان فائر ڪري پنهنجي دشمن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

رپورٽ موجب اهو جنگي جهاز روس طرفان تيار ڪيو ويو آهي، جديد ترين جنگي جهاز جو نالو Tupolev Tu-160M رکيو ويو آهي جيڪو پنهنجي پٺين حصي ۾ لڳل ميزائل سان دشمنن جي جهازن کي سولائي سان تباهه ڪري سگھي ٿو.

ان سپر سونڪ بمبار جهاز ۾ پٺيان ايندڙ دشمن جهاز جو پتو لڳائڻ جي صلاحيت موجود آهي.

نئون روسي وائٽ سوان جهاز دنيا جي تاريخ جو پهريون جهاز آهي جيڪو ان صلاحيت سان ليس آهي.

Read Previous

ڀارتي اداڪارا شلپا شيٽي عدالت طلب

Read Next

سنجي دت اڪثر چوندو هو ته مون کي چاچا ڪوٺيندا ڪريو: عاليا ڀٽ

Most Popular