سنجي دت اڪثر چوندو هو ته مون کي چاچا ڪوٺيندا ڪريو: عاليا ڀٽ

نوجوان ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته شاهه رخ خان سندس بهترين دوست آهي پر هن سنجي دت ۽ اجي ديوگن بابت ڪجهه مختلف چيو آهي.

عاليا ڀٽ نئين فلم گنگوبائي ڪاٺياواڙ ۾ نظر ايندي، جنهن ۾ هوءَ گنگوبائي جو مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي. هن فلم ۾ ساڻس اجي ديوگن به وڏي اسڪرين تي نظر ايندو، جڏهن ته فلم جي سيٽ تي هن اجي ديوگن ۽ ٻين ستارن سان پنهنجي ڪم جو تجربو شيئر ڪيو.

هڪ تازي انٽرويو دوران بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ بابت چيو ته هن سان سندس لاڳاپا مختلف هئا، هن سان گڏ سيٽ تي ۽ پوءِ پروموشن مهم ۾ وقت گذاريو. هوءَ هڪ اهڙو اسٽار آهي جنهن سان ڪم ڪري تمام گهڻو مطمئن آهيان، اهو چئي سگهان ٿي ته شاهه رخ منهنجو دوست آهي ڇو ته مون ساڻس گهڻو وقت گذاريو آهي.

اجي ديوگن جي حوالي سان عاليا ڀٽ جو چوڻ هو ته اجي سان گهڻو وقت فلم جي سيٽ تي ۽ فلم جي پروموشن تي به گذاريو ۽ ساڻس دوستي ڪرڻ لاءِ وقت نه مليو. فلم روڊ 2 جي ڪو اسٽار سنجي دت بابت هن چيو ته سنجو بابا مون سان ٻارن جهڙو سلوڪ ڪيو، هو اڪثر چوندو هو مون کي چاچو ڪري ڪوٺيندا ڪريو.

Read Previous

روس جي نئين جنگي جهاز آمريڪا جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون

Read Next

ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جيسن راءِ مٿان ڏنڊ

Most Popular