پي ڊي ايم سربراهه جي جهانگير ترين سان ملاقات، سهڪار جي گھر

حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي اءِ جي اتحادين بعد خدشا رکندڙ پي ٽي آءِ گروپ جي سربراهه جهانگير ترين سان به ملاقات ڪري ورتي.

ذريعن موجب ملاقات ٽيون ڏينهن لاهور ۾ اڻڄاتل هنڌ تي ٿي، جيڪا لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ملاقات ٻنهي ڀاسن ڏانهن گڏيل دوستن ڪرائي آهي، مولانا فضل الرحمان چوڌري ڀائرن سان ملڻ کانپوءِ جهانگير ترين سان ملاقات لاءِ ويو هو.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان هاڻوڪي صورتحال ۽ مستقبل جي معاملن تي جهانگير ترين ۽ سندس دوستن کان تعان گھريو آهي.

Read Previous

اسڪول ۾ 10ورهين جي نينگري سان جنسي زيادتي

Read Next

افغانستان مان 3 ڌڙا پاڪستان خلاف سرگرم آهن: وزيراعظم

Most Popular