افغانستان مان 3 ڌڙا پاڪستان خلاف سرگرم آهن: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان مان 3 ڌڙا پاڪستان خلاف  سرگرم آهن، انهن کي پاڪستان  ۾ عدم استحڪام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

فرانسيسي رسالي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ امن خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي، افغانستان ۾ 3 ڌڙا پاڪستان خلاف سرگرم آهن، انهن  ۾ پهرئين نمبر تي تحريڪ طالبان پاڪستان، ٻئي نمبر تي بلوچ دهشتگرد ۽ ٽئين نمبر تي داعش آهي، اسان کي اميد آهي ته جيئن افغان حڪومت مستحڪم ٿيندي، ان سان انهن ڌڙن کي پاڪستان ۾ ڪارروائيون ڪرڻ جو گهٽ موقعو  ملندو.

هن چيو ته افغانستان  ۾ عارضي سيٽ اپ کانپوءِ اتي ڪو سنگين واقعو پيش ناهي آيو، افغان حڪومت کي چئي ڇڏيو آهي ته توهان جي سرزمين اسان جي خلاف استعمال نه ٿئي، جيڪڏهن طالبان جي سرزمين تان دهشتگردي ٿيندي ته افغان عوام به متاثر ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته ڀارت هڪ طرفي طور ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪري ڇڏيو، ڪشمير جو واسطو سڌي ريت پاڪستان سان آهي، خطي ۾ امن لاءِ ڀارت سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر اڳ ۾ ڀارت کي ڪشمير بابت کنيل قدم واپس وٺڻا پوندا.

وزيراعظم  چيو ته مان پنهنجي هندو دوستن لاءِ پريشان آهن، ڀارت ۾ آر ايس ايس جي نظريي تي ڪم ٿي رهيو آهي، اتي اقليتن سان خراب ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن، مان امن لاءِ مودي ڏانهن هٿ وڌايو پر بدقسمتي سان مودي آر ايس ايس جي انتهاپسند نظريي جو حامي آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم سربراهه جي جهانگير ترين سان ملاقات، سهڪار جي گھر

Read Next

ڪورونا: حڪومت 10 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن شهرن تان پابنديون کڻي ڇڏيون

Most Popular