اسڪول ۾ 10ورهين جي نينگري سان جنسي زيادتي

لاهور جي علائقي شاهدر جي هڪ خانگي اسڪول ۾ 10ورهين جي نينگري سان اسڪول جي واش روم ۾ جنسي زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي.

پوليس موجب نينگري واش روم ۾ وئي ته کيس اڻڄاتل ڇوڪري زيادتي ڪئي ۽ نينگري جي حالت خراب ٿيڻ تي ڀڄي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي هت شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي ثابت ٿي وئي آهي.

جمعي واري ڏينهن پيش آيل واقعي ۾ پوليس خانگي اسڪول جي مالڪ، گارڊ ۽ ٽن شاگردن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، واقعي وقت اسڪول جي سموريون سي سي ٽي وي ڪئمرائون بند هيون.

Read Previous

اسرائيلي فوج هٿان پنهنجي گھر جي حفاظت ڪندڙ فلسطيني نوجوان شهيد

Read Next

پي ڊي ايم سربراهه جي جهانگير ترين سان ملاقات، سهڪار جي گھر

Most Popular