ڪورونا: حڪومت 10 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن شهرن تان پابنديون کڻي ڇڏيون

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا پابندين بابت نوٽيفڪيشن  جاري ڪري ڇڏيو.

اين سي او سي جي نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن شهرن ۾ پابنديون برقرار رهنديون، جن ۾ گلگت، مظفرآباد، مردان، ڪراچي، حيدرآباد ۽ پشاور به شامل آهن.

اين سي او سي موجب 10 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن علائقن مان پابنديون کنيون ويون آهن، جڏهن ته 10 سيڪڙو هاڪاري شرح وارن شهرن  ۾ ان ڊور تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي.

اين سي او سي چيو آهي ته گهٽ شرح وارن شهرن ۾ 300 ماڻهن سان ان ڊور تقريبون ٿي سگهنديون ۽ آئوٽ ڊور تقريبن  ۾ 500 ماڻهو شريڪ ٿي سگهندا.

اين سي او سي موجب گهٽ شرح وارن علائقن ۾ مڪمل ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي ان ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، جڏهن ته 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جا تعليمي ادارا ڪورونا ايس او پيز سان  گڏ کليل رهندا.

Read Previous

افغانستان مان 3 ڌڙا پاڪستان خلاف سرگرم آهن: وزيراعظم

Read Next

فيصل واوڊا تاحيات نااهلي خلاف عدالت پهچي ويو

Most Popular