فيصل واوڊا تاحيات نااهلي خلاف عدالت پهچي ويو

FEDERAL MINISTER FOR WATER RESOURCES, MUHAMMAD FAISAL VAWDA ADDRESSING A PRESS CONFERENCE IN ISLAMABAD ON OCTOBER 22, 2018.

تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا تاحيات نااهلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا ٻٽي شهريت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج  ڪيو آهي.

فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف وسيم سجاد ايڊووڪيٽ معرفت درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن نااهلي جو فيصلو ڏيڻ جي مجاز نه هئي، ان جو 9 فيبروري 2022 جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ٻٽي شهريت ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏنو آهي ۽ سندس سينيٽر طور نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو.

Read Previous

ڪورونا: حڪومت 10 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن شهرن تان پابنديون کڻي ڇڏيون

Read Next

غريبن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيو پيو وڃي، ماڻهو انهن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن: شازيا مري

Most Popular