غريبن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيو پيو وڃي، ماڻهو انهن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن: شازيا مري

پ پ ايم اين اي شازيا مري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اڄ وري عوام لاءِ بُري خبر آئي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موجوده سليڪٽد حڪومت في ليٽر 12.3 رپيا واڌ ڪئي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته هاڻ ملڪ ۾ غريبن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي، کنڊ، اٽي، دال سميت عام واهپي جي هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، پاڪستان هن خطي جو مهانگو ترين ملڪ آهي.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جا دورا الوداعي آهن، ماڻهو انهن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ پ پ جي ڪاميابي انهن جي ناڪامي آهي، حڪومت کي دعا عوام وٽان ملندي ڪجهه چمچن وزيرن وٽان نه.

سندس چوڻ هو ته صحافي محسن بيگ کي ايف آءِ اي ذريعي گرفتار ڪرايو ويو آهي، جنهن جي پرزور مذمت ڪيون ٿا، محسن بيگ کي رڳو ان لاءِ گرفتار ڪيو ويو ته هو عمران خان جي نااهل حڪومت جي عوام دشمن پاليسين تي ڳالهائي رهيو هو.

شازيا مري چيو ته پ پ 27 فيبروري کان لانگ مارچ ڪري رهي آهي ۽ عوامي لانگ مارچ جي شروعاتي قائداعظم جي مزار کان ٿيندي، جيڪو اسلام آباد تائين ڪيو ويندو، موجوده حڪومت ٽيڪس نه ڀتو وٺندي آهي، سليڪٽڊ ماڻهو ئي اهڙا ڪم ڪندا آهن، عوام ڊنل آهي ته حڪومت لانگ مارچ دوران رنڊڪون وجهندي پر اسان بهادري سان منهن ڏينداسين.

Read Previous

فيصل واوڊا تاحيات نااهلي خلاف عدالت پهچي ويو

Read Next

شبلي فراز جي عوام کي گهٽ کان گهٽ پيٽرول استعمال ڪرڻ جي صلاح

Most Popular