شبلي فراز جي عوام کي گهٽ کان گهٽ پيٽرول استعمال ڪرڻ جي صلاح

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز عوام کي گهٽ کان گهٽ پيٽرول استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.

پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز عوام کي صلاح ڏني ته اسان کي جيترو ٿي سگهي گهٽ فيول استعمال ڪرڻ گهرجي، پاڪستان پيٽرول ٺاهي ها يا اسان وٽ پيٽرول جا کوهه هجن ها ته ٻي ڳالهه هئي، عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه 95 ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي قيمت تي ڪو ٽيڪس نه پئي وجهي.

هن چيو ته سخت وقت ۾ زندگي نارمل نٿي رهي سگهي ۽ حڪومت ڪهڙي ڪهڙي شئي کي سبسڊائز ڪري، اسان جي حڪومت جي ترجيح  کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏيڻ آهي، ڪورونا ۽ مهانگائي عالمي آهي، تنهن ڪري اسان کي ان ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته سائنس وزارت جي ڪوشش آهي ته بجلي گهٽ خرچ ٿئي، گهٽ خرچ ٿيندي ته آئل جي امپورٽ گهٽ ٿيندي.

Read Previous

غريبن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيو پيو وڃي، ماڻهو انهن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن: شازيا مري

Read Next

ترين گروپ حڪومت سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار، اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اشارو

Most Popular