ترين گروپ حڪومت سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار، اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اشارو

جهانگير ترين گروپ جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

جهانگير ترين جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن عون چوڌري جي رهائشگاهه تي گروپ جو اجلاس ٿيو هو.

ذريعن موجب گروپ جي اڪثر ميمبرن حڪومت مخالف حڪمت عملي ۾  ن ليگ سان گڏ بيهڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته جهنگ جي اسيمبلي ميمبرن اجلاس ۾ آزاد حيثيت برقرار رکڻ جي تجويز ڏني.

ذريعن ٻڌايو ته جهانگير ترين گروپ جي اڪثريت کليل نموني سياسي ميدان ۾ اچڻ جي صلاح ڏني ۽ اڪثريت جي راءِ هئي ته وقت اچي ويو آهي حڪومت خلاف حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.

ذريعن موجب ترين گروپ بي اعتمادي رٿ باضابطا طور پيش ٿيڻ تي پنهنجي حڪمت عملي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ بي اعتمادي رٿ  پيش ٿيڻ تائين پنهنجي گروپ جا سياسي ڪارڊ ڳجها رکڻ جي به صلاح ڏني.

ذريعن موجب ترين گروپ چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ تي گروپ اپوزيشن جو ساٿ ڏئي سگهي ٿو.

ذريعن ٻڌايو ته ترين گروپ جي ميمبرن جي راءِ هئي ته چونڊ تڪن ۾ تحريڪ انصاف جي پوزيشن گهڻي ڪمزور آهي، جنهن سبب مڪاني چونڊن ۾ مضبوط شخصيتون پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻ پسند نه ڪنديون، ميمبرن جو موقف هو ته مهانگائي عام ماڻهو کي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، تنهن ڪري پي ٽي آءِ ميمبر تڪن ۾ سخت عوامي ردعمل ڏسي رهيا آهن.

ذريعن موجب ترين گروپ فيصلو ڪيو آهي ته اجلاس وقفي وقفي سان ٿيندا رهندا، سياسي جماعتن جي رابطن جي حوصلا شڪني نه ڪئي ويندي.

ذريعن ٻڌايو ته ترين گروپ مختلف سياسي آپشنز جون تجويزون سامهون آڻڻ تي جهانگير ترين کي حتمي فيصلي جو اختيار ڏئي ڇڏيو.

Read Previous

شبلي فراز جي عوام کي گهٽ کان گهٽ پيٽرول استعمال ڪرڻ جي صلاح

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل ووڊا جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular