اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل ووڊا جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر  من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي فيصلو ٻڌايو ۽ تاحيات نااهلي خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته ڊگھي عرصي تائين اليڪشن ڪميشن ۽ ڪورٽ جي سامهون فيصل واووڊا دير ڪندو رهيو، فيصل واوڊا شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ کان به انڪار ڪيو.

عدالت جو چوڻ هو ته فيصل واووڊا جي ذميواري هئي ته لاڳاپيل اٿارٽي کان ٻٽي شهرت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪري پنهنجي نيڪ نيتي ثابت ڪري، هن نااهلي ڪيس ۾ ڪارروائي کان بچڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني.

واضح رهي ته فيصل واوڊا پنهنجي تاحيات نااهلي جي اليڪشن ڪميشن واري فيصلي کي چيلينج ڪيو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن ٻٽي شهريت ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واووڊا کي نااهل قرار ڏنو هو ۽ سندس سينيٽر طور نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ سندس سينيٽر طور اليڪشن ڪميشن مان جاري نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو هو.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته فيصل واوڊا ٻن مهينن ۾ سمورا مالي مفاد ۽ مراعتون واپس ڪري، هن ڏوهه لڪائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني.

ياد رهي ته فيصل واوڊا سنڌ مان پي ٽي آءِ جي سيٽ تي 3 مارچ 2021 تي سينيٽر چونڊيو هو.

Read Previous

ترين گروپ حڪومت سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار، اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اشارو

Read Next

ميڪسيڪو سٽي: ويلنٽائن ڊي تي 600 جوڙن جي اجتماعي شادي

Most Popular