ميڪسيڪو سٽي ۾ ويلنٽائن ڊي تي 600 کان وڌيڪ جوڙا شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا، سندن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ميڪسيڪو سٽي ۾ هڪ اجتماعي شادي ۾ سوين جوڙا انٽرنيشنل ويلنٽائن ڊي تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.
سلوا نالي ناري جو چوڻ هو ته مون کي يقين نه هو ته مون کي به محبت ملندي پر مون کي منهنجو پيار مليو.
تقريب ۾ شامل هڪ ٻي عورت جوناٿن گارسيا چيو ته اجتماعي شاديون هڪ خانداني رسم آهي. هن جي خاندان ۾ هن جي ٻن ڀينرن جي به اهڙي ريت شادي ڪئي هئي ۽ اهي ٻئي خوش آهن.
سندس چوڻ هو ته هن به اها روايت برقرار رکندي شادي ڪئي آهي.
ايريا ڪائونسل جي ميمبر ماريا ڊرينڪا رينڊن ٻڌايو ته اجتماعي شادي ۾ ويجهڙائي ۾ جيڪا گهٽتائي هوندي آهي اها ختم ٿيندي آهي جڏهن ته هن ۾ مفت شادي جي سرٽيفڪيٽس جهڙا فائدا هوندا آهن.
هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته 661 ڪٽنب کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ وڏو چئلينج هو.